مائي ڄامان

مائي ڄامان: سخي، ديندار ۽ سماج سڌار مائي ڄامان سنڌ جي ڪلهوڙي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي جي گهر واري، ميان عبدالنبي ۽ ميان غلام نبي ڪلهوڙي جي ماءُ ۽ ٽنڊي مٺا خان، ضلعي سانگهڙ جي مشھور زميندار مٺا خان جوڻيجي (جنھن جي نالي پويان ٽنڊو مٺان خان شھر مشھور آهي) جي ڌيءَ هئي. سندس شادي ٿر جي مشھور عالم عبدالله ڏيري جي معرفت ميان نور محمد ڪلهوڙي سان ٿي. سخاوت ۾ ڏاڍي مشھور هئي. هن ڪيتريون مسجدون، ۽ کوهه کوٽرايا. هن چوٽيارين ۾ به هڪ مسجد جوڙائي، جتي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي استاد ميان مبين ڪيريي رح جھڙا عالم ۽ بزرگ رهيا. جيڪا چوٽيارين کان ڏکڻ ۽ اولھه طرف تقريباً 1 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واريءَ جي دڙي (جوڳين واري ڀٽ) تي موجود آهي. ان کانسواءِ هن ٽنڊي آدم – ڀٽ شاهه روڊ تي سوئي ڪندر جي مقام، ڀوپي ٻيلي، تجل ۽ تلا شاهه ۾ مسجدون جوڙايون. مسجدن سان لڳ نمازين جي وضو ۽ عام ماڻهن جي پيئڻ جي پاڻي لاءِ کوهه به کوٽرايا. سعيد آباد لڳ شاهو واهه کوٽرايو. سندس والد کيس ڏاج ۾ شاهپور چاڪر ڀرسان جاگير ڏني هئي، جتي پاڻ ڪافي عرصو رهي. سندس جاگير ۾ رهائش واري جاءِ تي ميان نور محمد ڪلهوڙي، الھه آباد نالي شھر ٻڌايو هو. روايت آهي ته ميان نور محمد جي وفات کانپوءِ مائي ڄامان ڏکيا ڏينھن گذاريا. سندس آخري آرام گاهه دولتپور لڳ ميان نور محمد جي قبرستان ۾ آهي.


لفظ مائي ڄامانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو